Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

آهي، دعوتِ اسلامي مسجد بڻايو تحريڪ به آهي، دعوتِ اسلامي مسجد ڀريو تحريڪ به آهي ۽ الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي ايمان بچايو تحريڪ به آهي. دعوت اسلامي اسان جي نسلن کي بچائي رهي آهي، دعوت اسلامي اسان جي ايمان جي حفاظت ڪري رهي آهي. گهر گهر ۾ نيڪي جي دعوت پهچائي ڪري گهر امن جو گهوارو بڻائي رهي آهي. اسان دعوت اسلامي جو ساٿ ڏينداسين ته اِنْ شآءَ اللہ الْکَرِیْم ! هن جو فائدو اسان کي، اسان جي نسل کي ئي ٿيندو. لهٰذا همت ڪيو! دل کولي راھِ خدا ۾ خرچ ڪيو! دعوت اسلامي جو ساٿ ڏيو! الله پاڪ چاهيو ته دين ۽ دنيا جون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي دين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

 اي عاشقانِ رسول! نيڪ نمازي بڻجڻ، سنّتون سکڻ، انهن تي عمل ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ذهن ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪم به دل لڳائي ڪري ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي.

ديدارِ مصطفٰي نصيب ٿي ويو

    پنجاب (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان پهريان منهنجو اٿڻ ويهڻ بدعقيده ماڻهن سان گڏ