Book Name:Safar e Meraj aur Pyari Namaz

ڏينهن منهنجي چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙهي آهي، مٿي تي عمامي جو تاج ۽ جسم تي سنّت جي مطابق مدني لباس رهندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

فيضانِ حديث (Faizan e Hadees) موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمْدُللہِ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، ان سلسلي ۾ اَلحَمْدُللہِ! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرفان تمام پياري، نرالي ۽ نهايت فائدي مند موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”فيضانِ حديث“ Play Store ۽ App Store  تي پيش ڪئي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ حديثِ پاڪ جو تمام گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتابُ مِشۡکٰوةُ الۡمَصابِيح ۽ ان جي آسان اردو شرح مِراٰةُ المناجِيح شام ڪئي وئي آهي، عنقريب هن ۾ حديثِ پاڪ جا ٻيا ڪتاب به شامل ڪيا ويندا.

   ڪجھ اهم خصوصيتون: * هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان مبارڪ حديثن کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙهي سگهو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنهنجي گهرج جي موضوع جو مطالعو به ڪري سگهو ٿا * سرچ آپشن به موجود آهي، جنهن جي مدد سان توهان مڪمل ڪتاب ۾ يا هڪ حديث ۾ مختلف الفاظ ۽ مڪمل جملو به سرچ ڪري سگهو ٿا * اهڙيءَ طرح حديث پاڪ جا عربي الفاظ، ان جا ترجما ۽ شرح ۾ الڳ الڳ به سرچ ڪري سگهجي ٿو * عُلماءِ ڪرام ۽ طلباء جي لاءِ هن ۾ حديثِ پاڪ جو عربي مَتن اعراب سان گڏ ۽ بنا اعراب جي، ٻنهي طرح ڏسڻ جي سهولت موجود آهي * مطالعي جا نوٽس محفوظ ڪرڻ جي لاءِ پسنديده حديثن کي