Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

وَالَّذِينَ إِذَا فَعَلُوا فَاحِشَةً أَوْ ظَلَمُوا أَنْفُسَهُمْ ذَكَرُوا اللَّهَ فَاسْتَغْفَرُوا لِذُنُوبِهِمْ وَمَنْ يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا اللَّهُ

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهي ماڻهو جو جڏهن ڪنهن بي حيائي کي ڪري وٺن يا پنهنجي جانن تي ظلم ڪري وٺن ته الله کي ياد ڪري پنهنجي گناهن جي معافي گھرن ۽ الله کان سواءِ ڪير گناهن کي معاف ڪري سگھي ٿو.

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهن اهي سلامتيون جيڪي محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ عطا ٿيون آهن، مطلب ته هُو بني اسرائيل هئا، انهن مان جڏهن ڪو گناھ ڪندو هو ته ان جو گناھ ظاهر ٿي ويندو هو، اهو انسان ڪفارو ادا ڪري آخرت جي عذاب کان بچي ويندو هو پر هن دنيا ۾ ان کي ذلّت جو منهن ڏسڻو پوندو هو پر هاڻي دستور نرالو آهي، هاڻي ته

آئی نئی حکومتِ سِکّہ نیا چلے گا

عالَم نے رنگ بدلاصبح شبِ وِلادَت

هاڻ سلامتين وارا نبي تشريف آڻي چڪا آهن، هاڻي ڪو گناھ ڪري ويهي ته ان جي پيشاني تي گناھ لکيو ناهي ويندو، ان جي دروازي تي ان جو گناھ ظاهر ناهي ڪيو ويندو بلڪه الله پاڪ ان جي گناھ تي پردو رکي ڇڏيندو آهي، ان کي توبه ۽ استغفار جو موقعو ڏنو ويندو آهي، پهريان قانون ئي ٻيو هو،  هاڻي قانون بدلجي ويو آهي، هاڻي گناھ ٿي وڃي ته ڪنهن تي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اڪيلي ۾ ويهي، ماڻهن کان لڪي ڪري ربّ پاڪ جي درٻار ۾ توبه ڪيو! شرمندگي ۽ ندامت جا ڳوڙها ڳاڙيو! دنيا ۾ رسوائي به نه ٿيندي، گناھ معاف ڪيو ويندو ۽ آخرت جي عذاب کان به نجات ملي ويندي.

هي آهن الله پاڪ جي پياري نالي اَلسَّلامُ جا مظهر نبي، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ