Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

اپنائن ٿا، نمازون ناهن پڙهندا، بلاعذر روزا ڇڏي ڏين ٿا، ٻين کي تڪليف پهچائن ٿا، وياج جو ڏيڻ وٺڻ ڪن ٿا، ٻين جي مال تي ناحق قبضو ڄمائن ٿا، الله پاڪ کان ناهن ڊڄندا، قرآن و سُنت جي مخالفت ڪندا آهن، غير مسلمن جي رستي هلندا آهن، منهنجي نبي، پياري نبي، چڱي نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي جهنم کان ڊيڄاريو، قبر ۽ آخرت جي عذاب کان ڊيڄاريو ۽ اهو واضح ڪري بيان ڪيو ته قيامت جي ڏينهن فرمانبردارن جا مزا هوندا جڏهن ته نافرمان دردناڪ عذاب جو مزو چکيندا.

الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ جي پناھ..!! الله ڪريم اسان کي پنهنجو فرمانبردار ٻانهو بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي،

آمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهِ وَسَلَّم

بندہ تمہارے در کا آفت میں مبتلا ہے                         رحم اے حبیبِ داور! تم پر سلام ہر دَم

للہ اب ہماری فریاد کو پہنچئے                                         بےحد ہے حال اَبتر تم پر سلام ہر دَم

جلّاد نفسِ بد سے دیجے مجھے رہائی                                  اب ہے گلے پہ خنجر تم پر سلام ہر دم

(6) اسم پاڪ: داعِي اِلَي الله!

پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ پيارو پيارو نالو دَاعِی اِلَی اللہ به آهي. يعني پاڻ سڳورا ماڻهن کي الله پاڪ جي طرف سڏڻ وارا آهن.  

اَلحَمۡدُلله! اسان جي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم غير مسلمن کي اسلام جي طرف سڏيو، گنهگارن کي نيڪي جي طرف سڏيو، ڀٽڪيلن کي هدايت جي طرف سڏيو (سبل الہدیٰ و الرشاد،الباب الثالث فی ذکر ما وقفت علیہ