Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

جي جلوس ۾ ھر uc/ وارڊ/ ٽائون جا نگران پنھنجا بينر الڳ سان ٺھرائن جنھن تي پنھنجي uc/وارڊ /ٽائون جو نالو لکيل ھجي، مثلا(اقبال ٽائون، گوجرانوالا) * 12 ربيعُ الاوّل جي ڏينھن ظھر کان پوءِ عصر تائين ميلاد جي جلوس ۾ تمام ذميدارَ ۽ تمام شعبن وارا مرحبا يا مصطفيٰ جون صدائون لڳائيندا شروع کان آخر تائين شرڪت ڪن * شعبي جا ٻه اسلامي ڀائر پنھنجي شعبي جا بينر کڻي اڳيان اڳيان ھلندا رھن۔ ان شعبي جا ٻيا اسلامي ڀائر انھن جي پويان پويان ڪنڌ کي جھڪائي، مدني پرچم کڻي، لبن تي نعتن جا نغما سجائيندي نھايت ئي پر وقار انداز سان شرڪت ڪن۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

جشن ولادت جي خوشي ۾ روزو رکو!

پيارا اسلامي ڀائرو! پنھنجي آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادا کي ادا ڪندي جشنِ ولادت جي خوشي ۾ روزو به رکنداسين۔

ياد رهي! هي نفلي روزو آھي، جنھن کان ٿي سگھي، طبيعت ساٿ ڏي ته روزو رکڻ گھرجي۔ حديث پاڪ ۾ آھي: جنھن ثواب جي اميد رکندي ھڪ نفلي روزو رکيو، الله پاڪ ان کي دوزخ کان 40 سالن (جي مسافت برابر) پري ڪري ڇڏيندو۔ (.جمع الجوامع، جلد:7، صفحہ:190، حدیث:22251۔) معجمِ ڪبير جي روايت ۾ آھي: جنھن ھڪ نفلي روزو رکيو، ان لاءِ جنّت ۾ ھڪ وڻ لڳايو ويندو جنھن جو ميوو ڏاڙھون کان ننڍو ۽ صوف کان وڏو ھوندو، اھو ماکي جھڙو مٺو ۽ ذائقيدار ھوندو، الله پاڪ قيامت جي ڏينھن روزي دار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو .

(معجم کبیر، جلد:18، صفحہ:366، حدیث:935۔)

نماز پڙھڻ جا فائده ۽ نه پڙھڻ جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو!اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جشن ولادت ملهائڻ وارا به آھيون ۽