Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

         سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي الله پاڪ جي نالي مبارڪ اَلسَّلامُ جو ڪامل مظهر هجڻ، جڏهن کان پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، هر طرف امن پکڙجي ويو، قومن تي عذاب اچڻ بند ٿي ويا. ۽ ماڻهن کي سلامتي نصيب ٿي. 

بے ہنر و بےتمیز کس کو ہوئے ہیں عزیز                                                             ایک تمہارے سوا، تم پہ کروڑوں درود

گندے نکمے کمین، مہنگے ہوں کوڑی کے تین                                                                                        کون  ہمیں  پالتا  تم  پہ  کروڑوں  درود

باٹ نہ در کے کہیں، گھاٹ نہ گھر کے کہیں                                                ایسے تمہیں پالنا تم پہ کروڑوں درود

اپنے خطاواروں کو اپنے ہی دامن میں لو                                                              کون  کرے  یہ  بھلا  تم  پہ  کروڑوں  درود([1])

گناهن جي پرده پوشي

روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيري صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان رحمت عالم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! بني اسرائيل اسان کان وڌيڪ عزت وارا هئا، انهن مان جڏهن ڪو ماڻهو گناھ ڪندو هو ته صبح جو سندن دروازي تي اهو گناھ ۽ ان گناھ جو ڪفارو لکيل هوندو هو. (يعني انهن کي گناهه ڪرڻ تي يڪدم ڊيڄاريو ويندو هو، جنهن سان هُو گناهن جا عادي ٿيڻ کان بچي ويندا هئا، ايئن ئي جيڪڏهن انهن کي پنهنجي گناھ تي ذلت ٿيندي به هئي ته اها ذلت دنيا جي عارضي زندگي ۾ هئي، اهي ڪفارو ڏئي ڪري آخرت جي ذلّت کان بچي ويندا هئا؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام  عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  کي فرمايو: اَلَا اُخْبِرُکُم بِخَیْرٍ مِّنْ ذٰلِکَ ڇا مان توهان کي هن کان به بهتر شيءِ نه ٻڌايان؟ پوءِ پاڻ سڳورن هي آيت ڪريمه تلاوت فرمائي.

(اسباب النزول للواحدی، تحت الآیہ)


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:267-270 ملتقطاً۔