Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

وضاحت! يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! الله پاڪ جي رحمتن ۽ جود ۽ عطا جو دروازو اوهان جي صدقي ئي کليو آهي، اوهان جي ئي صدقي سڀني کي وجود مليو آهي، اوهان ئي جي صدقي سڀني کي بقا مليل آهي، اي اهڙي شان وارا پيارا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! اوهان تي ڪروڙين درود ۽ سلام هجن.

     خبر پئي، رحمٰن نالو ته الله پاڪ جو آهي، صفت الله پاڪ جي آهي پر الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن اسمِ مبارڪ جو ڪامل مظهر بڻايو آهي.

پاڪ نالي اَلسّلام جا مظهر

  انهيءَ طرح الله پاڪ جي اَسۡماءُ الحسنيٰ ۾ هڪ پيارو پيارو نالو اَلسَّلامُ به آهي، ان جي معنيٰ آهي: سلامتي عطا فرمائڻ وارو. الله پاڪ پنهنجي هن اسم مبارڪ جو مظهر پنهنجي محبوب کي به بڻايو آهي، غور فرمايو! * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آڻڻ کان اڳي قومن تي عذاب به ايندا هئا * گنهگارن جا منهن بگاڙيا ويندا هئا. * کين زمين ۾ دٻايو ويندو هيو. * انهن کي زلزلن ذريعي تباھ ڪيو ويندو هو، * انهن کي انڌارين سان اُڏائي زرا پُرزا ڪيو ويندو هو پر جڏهن مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۾ اسمِ خدا اَلسَّلامُ جا مظهر بڻجي ڪري تشريف کڻي آيا، ته قومن تي مجموعي عذاب اچڻ بند ٿي ويا. (الحقیقۃ المحمدیہ، ص:۱۷۴ملخصا) * ايستائين جو هڪ ڀيرو غير مسلمن پاڻ الله پاڪ کي پڪاري چيو: اي الله پاڪ! اسان تي آسمان کان پٿر وساءِ، اسان تي دردناڪ عذاب نازل فرماءِ پر الله پاڪ فرمايو:  

وَمَا كَانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُمْ وَأَنْتَ فِيهِمْ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ الله جو هي شان ناهي ته انهن کي عذاب ڏي جيستائين اي حبيب! اوھان انهن ۾ تشريف فرما هجو.