Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

کي نڪي رستو ملي رهيو هو، نه ئي طوفان رڪجي رهيو هو، آڌي رات کان بعد طوفان ويتر تيز ٿي ويو، هاڻي ته اسان موت جو يقين ئي ڪري ڇڏيو هيو، ان وقت اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ فرياد ڪئي، هاڻي ڪجھ ئي گهڙيون گذريون هيون ته هڪ شخص جنهن جي اک لڳي وئي هئي، اهو خوشي مان اٿيو ۽ چيائين: خوش ٿي وڃو،،،!! مون کي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي زيارت نصيب ٿي آهي، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان کي سلامتي جي خوشخبري آهي، توهان ٻن ڏينهن ۾ مڪي پڄي ويندؤ.

  شيخ جزولي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان کي جهڙي خوشخبري ڏني وئي هئي بلڪل ايئن ئي ٿيو، الحمدلله! اسان ٻن ڏينهن کان بعد مڪي شريف صحيح سلامت پڄي وياسين.

(شواہد الحق للنبہانی،الفصل الثانی فی ذکر من استغاث بہ...الخ، صفحہ: 232ملتقطًا۔)  

بے سہاروں کے سہارے ہیں حُضُور                        حامی و یاوَر ہمارے ہیں حُضُور

ہم غریبوں پر کرم فرمائیے!                                      بدنصیبوں پر کرم فرمائیے!

اپنے بندوں کی مدد فرمائیے!                                      پیارے حامی مسکراتے آئیے!

ڪنهن شيءِ کان نه ڊڄو...!!

 شيخ صفي الدين ابوعبدالله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان ملڪ شام کان مصر ڏانهن وڃي رهيو هئس، اهو وقت فرنگين جي فتني جو هو، رستي ۾ گهڻا خطرا هئا، مان ڊڄي رهيو هيس، انهي دوران مان ڪنهن هنڌ ويٺو هيس ته منهنجي اک لڳي وئي، اک ڇا بند ٿي منهنجي قسمت جاڳي پئي، خواب ۾ پيارا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا مون ادب مان عرض ڪيو: