Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

مُحَمّد نالي جي معنيٰ

قاضِ عياض مالڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 2 مبارڪ نالا احمد ۽ مُحمّد ٻئي حمد مان بڻيا آهن ۽ انهن ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻن عظمتن جو بيان آهي، احمد جو مطلب آهي: اَجَلُّ مَنْ حَمِدَ يعني (اڄ تائين الله پاڪ جي جنهن جنهن تعريف ڪئي آهي، چاهي اهي انسان هجن، جنّ هجن، ملائڪ هجن، زمين و آسمان ۾ ڏٺي ويندڙ ڪا به مخلوق هجي، وڻ، پن، حيوان، پکي، سڀئي شيون الله جي حمد ڪن ٿيون، انهن سڀني ۾) سڀني کان وڌيڪ الله پاڪ جي حمد جنهن هستي ڪئي آهي، ان کي مُحمّد چون ٿا.

ايئن ئي نالي مبارڪ محمد جو مطلب آهي: اَفْضَلُ مَنْ حُمِدَ يعني (اڄ تائين جنهن جنهن جي تعريف ڪئي وئي آهي، جنهن جنهن لحاظ کان به تعريف ڪئي وئي آهي، انهن ۾) سڀني کان وڌيڪ جنهن هستي جي تعريف ڪئي وئي، ان جو اسم مبارڪ مُحَمَّد آهي.

(کتاب الشفاء،الباب الثالث،فصل فی اسمائہ صلی اللہ علیہ وسلم...الخ،جز:1،صفحہ:176۔)

وڌيڪ فرمائن ٿا: پوءِ معلوم ٿيو، سڀني کان وڌيڪ حمد ڪرڻ وارا منهنجا محبوب آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، ڪائنات ۾ سڀني کان وڌيڪ جن جي تعريف ڪئي وئي اهي به منهنجا آقا آهن، قيامت جي ڏينهن لوَاءُ الحمد (يعني حمد جو جهنڊو) به حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  کي ئي عطا ڪيو ويندو، مقام محمود به حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيو ويندو، پوءِ قيامت جي ڏينهن اڳيان پويان سڀئي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي جي تعريف ڪندا، قيامت جي ڏينهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي اهڙي حمد ڪندا جو ڪڏهن ڪنهن اهڙي حمد نه ڪئي هوندي، تنهنڪري هي منهنجا محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ئي آهن جن کي محمد ۽ احمد چئي سگهجي ٿو.

(کتاب الشفاء،الباب الثالث،فصل فی اسمائہ صلی اللہ علیہ وسلم...الخ،جز:1،صفحہ:177ملتقطًا۔)