Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

بي مثل ۽ بي مثال نبي

ستين صدي هجري جا بُزرگ حضرت علّامه فخرالدين حَرّالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: لفظ اُمّي جو مطلب هي آهي ته الله پاڪ سڀني ماڻهن کي جنهن فطرت تي پيدا فرمايو، اسان جي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي انهن سڀني کان جُداگانه، بي مثل و بيمثال فطرت تي پيدا فرمايو آهي.

(ابداء الخفا فی شرح اسماء المصطفیٰ، اسمہ الامی، صفحہ:248خلاصۃً۔(

  مطلب هي آهي ته هن دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو آيا آهن، سڀني جي فطرت ۾ لکڻ پڙهڻ رکيو ويو آهي، اوهان پنهنجي گهرن ۾ ڏٺو هوندو ته ٻار جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي، شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لڳندو آهي ته هُو ڪيترائي سوال ڪندو آهي، بابا! هي ڇا آهي؟ بابا هُو ڇا آهي؟ اَبّو! هن شيءِ کي ڇا چوندا آهن؟ اَبّو! هوءَ شيءِ ڪهڙي ڪم ايندي آهي؟ اهڙي طرح ٻار ڪيترائي سوال پڇندو آهي، بعض اوقات ته هڪ ئي ساھ ۾ ڪيئي سوالات پڇي وٺندو آهي، اهو هن ڳالھ جو ثبوت آهي ته هن دنيا ۾ هر شخص جي فطرت ۾ سکڻ رکيو ويو آهي، جيڪو به دنيا ۾ ايندو آهي، اهو هتي اچي ڪري پڙهڻ سکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر قربان وڃو! اها منهنجي ۽ اوهان جي آقا، بي مثل و بي مثال نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بيمثال فطرت آهي جو الله پاڪ سندن فطرت مبارڪ ۾ سکڻ نه بلڪه سيکارڻ رکيو آهي.  

منهنجا  آقا هر لحاظ کان بي مثل آهن

 الله اڪبر! ڇا شان آهي منهنجي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو، الله پاڪ پاڻ سڳورن کي بيشمار مرتبا عطا فرمايا آهن ۽ هر مرتبي ۽ شان ۾ کين بي مثل و بيمثال رکيو آهي. * الله پاڪ کين بشر بڻايو ته بي