Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

قرآن ڪريم نازل ٿيو، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآن ڪريم جي تلاوت فرمائيندا ھئا۔ ھڪ روايت ۾ آھي: منھنجي اُمّت جي اَفضل عبادت قرآن جي تلاوت آھي۔

( شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004 ۔) 

لھٰذا اسان کي خوب خوب قرآن ڪريم جي تلاوت جي به عادت وجھڻ گھرجي۔ قرآن ڪريم جي تلاوت به ڪيو ۽ قرآن ڪريم درست پڙھڻ سکي به وٺو۔ بدقسمتي سان اڄ تمام گھڻي ماڻھن کي درست تَجويد ۽ مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ نه ٿو اچي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي فيضانِ قرآن عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آھي۔ قرآن ڪريم درست پڙھڻ سکڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان جو فيضان حاصل ڪيو!مدرسة المدينه بالغان ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي تجويد سان قرآن ڪريم پڙھڻ سيکاريو ويندو آھي ۽ گڏوگڏ ئي بنيادي ضروري اَحڪام ۽ مَسائل ۽ سنتون ۽ آدابَ به سيکاريا ويندا آھن، توھان به مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪيو ۽ تجويد سان قرآن ڪريم پڙھڻ سکو۔

الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا              الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا

ٽيلي ٿون جي ترغيب

اي عاشقان رسول! دعوتِ اسلامي جو ديني ڪم سڄي دنيا ۾ عام ٿي رهيو آهي 80 کان وڌيڪ مختلف شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. * دعوت اسلامي هاڻي تائين هزارين مسجدون ٺاهي چڪي آهي * علم دين جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ هزارين مدرسة المدينه قائم ڪري چڪي آهي * لکين حافظ، قاري، امام، مبلغ، معلّم، عالم و مفتي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاحِ امت ۽ ڪردار سازي جو ڪم جاري آهي، لکين