Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

الله پاڪ بلاواسطه رسالت عطا فرمائي آهي، انهيءَ ڪري سندن نالو پاڪ اَلرَّسُول  آهي.

لَا وَرَبِّ الْعَرْش جس کو جو مِلا اُن سے مِلا                   بٹتی ہے کونین میں نعمت رسول اللہ کی

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

(3)مبارڪ نالو : رءوۡف و رحيم

پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري 11، سورت توبه، آيت نمبر 128 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

بِالْمُؤْمِنِیْنَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ(۱۲۸)

(پارہ:11،التوبہ:128)

ترجمو ڪنزالعرفان: مسلمانن تي نهايت مهربان، رحمت فرمائڻ وارا آهن.

رءوۡف و رحيم

مفسر قرآن، مفتي احمد يارخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَؤُف جي معنيٰ آهي مشقت ۽ مصيبت پري ڪرڻ وارو ۽ رحيم جي معنيٰ آهي: احسان فرمائڻ وارو ۽ فائديمند شيون عطا فرمائڻ وارو.

(تفسیرِ نعیمی،پارہ:11،التوبہ،زیرِ آیت:128 ،جلد:11 ،صفحہ:153 بتغیر قلیل۔) 

يعني الله پاڪ فرمايو: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مومنن تي رَؤُف و رحيم آهن ته معلوم ٿيو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي غلامن کان مصيبت دور فرمائيندا آهن، مشڪلات ۾، پريشانين ۾، مشقت ۾ انهن جي مدد فرمائيندا آهن ۽ گڏوگڏ احسان فرمائي کين فائديمند شيون عطا فرمائيندا آهن.

مؤمن ہوں مؤمنوں پہ رَءُوْف و رَحِیْم ہو

سائِل ہوں سائِلوں کو خوشی لَانَہَرْ کی ہے