Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

اسان اوهان کي راضي ڪري ڇڏينداسين

حضرت عبدالله بن عمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُما فرمائن ٿا ته رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قرآن پاڪ جي هي آيت تلاوت فرمائي جنهن ۾ آهي ته حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي حضور عرض ڪندا:

اِنْ تُعَذِّبْهُمْ فَاِنَّهُمْ عِبَادُكَۚ-وَ اِنْ تَغْفِرْ لَهُمْ فَاِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ(۱۱۸) (پارہ:7،المائدہ:118)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڏين ته اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن تون انهن کي بخشي ڇڏين ته بيشڪ تون ئي غلبي وارو، حڪمت وارو آهين.

هي آيت تلاوت ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي گريه طاري ٿي ويو ۽ پنهنجا هٿ مبارڪ کڻي دعا ڪيائون: اي الله پاڪ! منهنجي اُمت، منهنجي اُمت. الله پاڪ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته توهان منهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ وڃو ۽ انهن کان پڇو جڏهن ته توهان جو رب خوب ڄاڻي ٿو پر انهن کان پڇيو ته روئڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام حڪم مطابق حاضر ٿي پڇا ڪيائون ته رحمت عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي سمورو حال ٻڌايو ۽ غمِ اُمّت جو اظهار ڪيائون۔ حضرت جبريل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيو ته اي الله ڪريم! تنهنجا حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  هي پيا چون. الله پاڪ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته وڃو ۽ منهنجي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي چئو ته اسان اوهان کي اوهان جي اُمّت جي باري ۾ عنقريب راضي ڪنداسين ۽ اوهان جي قلب مبارڪ کي رنجيده نه ٿيڻ ڏينداسين.

(مسلم، کتاب الایمان، باب دعاء النبیّ لامّتہ وبکائہ...الخ،صفحہ:99 ،حدیث:202 ملتقطًا۔)