Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان جي پناھ ۾ اچان ٿو. فرمايائون: ڪنهن شيءِ کان نه ڊڄو...!! مون ٽي ڀيرا اهو ئي عرض ڪيو: پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٽئي ڀيرا اهو ئي فرمايو: ڪنهن شيءِ کان نه ڊڄو..!! پوءِ منهنجي اک کُلي وئي، مون پنهنجو سفر شروع ڪيو، اَلحَمۡدُلله! مون کي سڄي واٽ ڪا مشڪل پيش نه آئي جڏهن ته مون کان الڳ اچڻ وارن کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.

(شواہد الحق للنبہانی، ص: 232)

یَا اَکْرَمَ الْخَلْقِ مَا لِیْ مَنْ اَلُوْذُ بِہٖ

سِوَاکَ عِنْدَ حَلُوْلِ الْحَادِثِ الْعَمَمٖ

(دیوانِ بوصیری، قافیۃ المیم، قصیدہ بردہ، صفحہ:173۔)

 وضاحت: علامه بُوصيري بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪري رهيا آهن: اي سڀني کان وڌيڪ عزت وارا نبي! مصيبتن جي ڇانئجي وڃڻ وقت اوهان کان سواءِ منهنجو ڪوبه نه آهي جنهن جي مان پناھ وٺان.  

ٽي پيارا نالا

پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي ڪريم آقا، رحيم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري نالن جو ذڪر ڪندي، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیْرًاۙ(۴۵)  

(پارہ:22،الاحزاب:45)

ترجموڪنزالعرفان: اي نبي! بيشڪ اسان توکي گواھ ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليو.

هي رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 3 مبارڪ نالا آهن: (1) شاهد (2) مبشر (3) نذير * شاهد جي معنيٰ آهي: گواھ. ۽ گواھ اهوئي هوندو آهي جيڪو موجود به هجي ۽ ڏسي به رهيو هجي، يعني حاضر به هجي، ناظر به هجي،