Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ٿيو پنهنجي گناھن تي شرمندگي ٿي منهنجي اکين کان غفلت جو پردو ھٽيو۔ دل جي حالت تبديل ٿي؛ مون گناھن کان توبه ڪئي ۽ دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ زندگي گذارڻ لڳس۔

دل کی کالک دُھلے مرضِ عصیاں ٹَلے                      آؤ سب چل پڑیں قافلے میں چلو

کر سفر آئیں گے، تو سُدھر جائیں گے                       اب نہ سستی کریں، قافلے میں چلو([1])

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

  مختلف ايپلي ڪيشن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله!دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عَمَل آھي۔ دعوتِ اسلامي I.T ڊيپارٽمنٽ جي تحت ھينئر تائين ڪيتريون ئي موبائل ايپلي ڪيشنون بڻائي ڪري لانچ ڪري چڪي آھي؛ (1) تفسيرِصِراطُ الجنان موبائل ايپلي ڪيشن: قرآن ڪريم پڙھڻ، ان کي سمجھڻ ۽ قرآن ڪريم جو فيضان ماڻڻ جي لاءِ ھڪ زبردست ۽ نرالي ايپلي ڪيشن آھي، ان جي ذريعي قرآن پاڪ ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙھي ڪري قرآن جي نُور سان سينو روشن ڪري سگھجي ٿو۔ (2) فيضان حديث موبائل ايپلي ڪيشن: وڏي پياري ايپلي ڪيشن آھي، ان جي ذريعي توھان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديثون ۽ انھن جي شرح پڙھي سگھو ٿا هن وقت ايپلي ڪيشن ۾ حديثِ پاڪ جي مشھور ڪتاب مِشڪوٰةُ المَصَابِيح ۽ ان جي آسان اُردو شرح مِراٰةُ المَنَاجِيح شامل ڪيون ويون آھن، عنقريب ان ۾ حديث پاڪ جون مزيد


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:669-672۔