Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا فرمايا. يعني رَؤُوْف الله پاڪ جو نالو آهي، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي به رَؤُوْف چئي سگهون ٿا. رَحِيۡمُ الله پاڪ  جو نالو آهي، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي به رَحِيم چئي سگهون ٿا. عَلِيۡم الله پاڪ جو نالو آهي، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي به عَلِيۡم چئي سگهون ٿا. مطلب ته الله پاڪ جا 30 نالا اهي آهن جيڪي الله تعالي پنهنجي محبوب کي عطا فرمايا آهن.

 هاڻي ٿورو هن کان هڪ قدم اڳتي وڌون ٿا! علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: الله پاڪ جا جيڪي اَسۡماءُ الحسنيٰ آهن، يعني الله پاڪ جا پيارا پيارا 99 نالا جيڪي قرآن ۽ حديث ۾ ذڪر ٿيل آهن، اهي نالا الله پاڪ جا آهن، اهي صفتون الله پاڪ جون آهن. جيتوڻيڪ اهي نالا ڪنهن ٻي جي لاءِ نٿا چئي سگهجن پر انهن نالن اندر جيڪي صفتون موجود آهن، ربّ ڪائنات انهن تمام اَسۡماءُالحسنيٰ جو مظهر (يعني نمونو ۽ نشاني) پنهنجي محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي بڻايو آهي.

(الحقیقۃ المحمدیہ، القسم الثانی،اتصاف النبی  بالاسماء الالھیة،صفحہ:171خلاصۃً۔

رحمٰن جي پاڪ نالي جو مظهر

مثال طور الله پاڪ جي اَسۡماءُ الحسنيٰ ۾ هڪ پيارو پيارو نالو آهي: اَلرَّحۡمٰن. قرآن ڪريم ۾ به ان جو ڪيئي ڀيرا ذڪر آيو ۽ نهايت مشهور نالو آهي، ان نالي جي پوري سورت قرآن ڪريم ۾ موجود آهي. هاڻي هي لفظ رحمٰن...!! هي الله پاڪ جو نالو آهي، الله پاڪ کانسواءِ اسان ڪنهن کي به رَحۡمٰن نٿا چئي سگهون. اسان وٽ ڪجھ ماڻهو پنهنجي ٻارن جو نالو عبدالرحمٰن رکندا آهن پر انهن کي رحمٰن چئي سڏيندا آهن، هي غلط آهي، رَحۡمٰن الله پاڪ جو نالو آهي ۽ الله پاڪ سان خاص آهي.