Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! علم دين سکڻ لاءِ ملندو ۽ دين و دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون۔

    اڄوڪي دور ۾ نيڪ نمازي بڻجڻ، سنتون سکڻ ۽ دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي وارن عاشقان رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ به انتھائي مفيد آھي۔ الحمدُلله! 3 ڏينھن، 12 ڏينھن ۽ 12 مھينن جا مدني قافلا وقت به وقت  سفر ڪندا رھندا آھن۔ توھان به مدني قافلن جا مسافر بڻجو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  اَخلاق سڌرندا، نيڪين جو رجحان وڌندو، عشقِ رسول جي دولت نصيب ٿيندي ۽ زندگي ۾ انقلاب برپا ٿي ويندو۔اچو!ترغيب جي لاءِ مدني بھار ٻڌون ٿا:

دل جي حالت تبديل ٿي وئي

فيصل آباد (پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جي بيان جو نچوڙ آھي۔ دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پھريان مان خراب ڪردار جو مالڪ هيس ڪوڙ غيبت چغلي بري نظر جھڙا گناھ منهنجي روزانو جو حصو هئا مارشل آرٽ سکيل هيس جنهن سبب ماڻھن کان خواه مخواه جگھڙا ڪندو ھيس ھر نئون فيشن (Fashion) اپنائڻ منهنجو شوق ھيو آھ!نمازن کان ايتري قدر پري هيس جو مونکي ھي به معلوم نه ھو ته ڪھڙي نماز جون ڪيتريون رڪعتون آھن۔ آخر رحمت جو دروازو کليو ۽ منهنجي قسمت ائين چمڪي جو دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان لاڳاپيل ھڪ اسلامي ڀاء مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني۔ دوست جي ڳالھ ٽاري نه سگھيس ۽ ٽي ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر ٿي ويس مدني قافلي ۾ عاشقان رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي زندگي جو مقصد معلوم