Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، هاڻي سلامتي ئي سلامتي آهي.

ڈر تھا کہ عصیاں کی سزا،اب ہو گی یا روزِ جزا

دِی اُن کی رحمت نے صدا، یہ بھی نہیں، وہ بھی نہیں

وضاحت: اسان ڊڄي رهيا هئاسين، افسوس! گناھ ته ڪري ويٺاسين، نفس و شيطان جي دوڪي ۾ ته اچي وياسين، افسوس! نه ڄاڻ هاڻي اسان جي متعلق ڇا فيصلو ٿيندو، خبر ناهي هن دنيا ۾ ذلّت ۽ رُسوائي کي منهن ڏيڻو پوندو يا قيامت واري ڏينهن عذاب ۾ گرفتار ٿينداسين. اسان هن خوف ۾ ورتل هئاسين، رحمت واري نبيءَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحمت تسلي ڏيندي فرمايو: هي به نه، هُو به نه، اي رحمت واري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُمتيو! گهٻرايو نه، توهان هن دنيا ۾ به  ان جي عفو و ڪرم سان ڍڪيل آهيو، قيامت جي ڏينهن به شفاعت ڪري توهان کي جنت ۾ پهچائيندا.

سَحابِ کرم روانہ کیے کہ آبِ نِعَم زمانہ پیے

جورکھتے تھے ہم وہ چاک سیے، یہ سِتْرِبَدَاں تمہارے لئے([1])

 وضاحت: يعني يارسول اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ ڪرم جا ڪڪر موڪليا، ماڻهن تي نعمتن جي برسات ڪئي، اسان گنهگار جيڪي گناهن ۾غرق هئاسين، اسان جا ڦاٽل: ڳلا سبيا ويا، يعني گناهن تي پردا وڌا ويا، اي محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان بُڇڙن ۽ گنهگارن جي جيڪا پرده پوشي ٿي آهي، هي اوهان جو صدقو آهي.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پياري آقا جا پيارا نالا

بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪي چند مثالون هيون، ان گفتگو جو حاصل


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:349۔