Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

هاڻي ٿورو سوچيو! سڄي حياتي مبارڪ جي علم جو ڇا شان هوندو..!!

بھرے اس میں اسرار و عِلْمِ دو عالَم                             کشادہ کیا حق نے سینہ تمہارا

(قبالہ بخشش)

پياري آقا جو نرالو علم مبارڪ

حضرت حُذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْهُ صحابي رسول آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي وچ ۾ بيٺا ۽ بيان فرمائڻ لڳا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي سڀ ڪجھ ٻڌايو، ايستائين جو قيامت قائم ٿيڻ تائين جا واقعا ٻڌائي ڇڏيا.

 حضرت حُذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: جيئن ڪو انسان ڪنهن پراڻي واقفڪار کي ڏسندو آهي ته ان کي اوچتو محسوس ٿيندو آهي ته مون کيس ڪٿي ڏٺو آهي. پوءِ ٿورو ذهن تي زور ڏيڻ سان ياد اچي ويندو آهي، ان واقعي کان پوءِ منهنجي حالت اهائي ٿي وئي هئي، مان جڏهن به ڪو نئون معاملو ڏسندو هيس ته ايئن لڳندو هيو ته مون هي ڪٿي ٻڌو آهي. پوءِ جڏهن غور ڪندو هئس ته ياد ايندو هو ته ها! اُن ڏينهن محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هي ڳالھ اسان کي ٻڌائي هئي.

(مسلم،کتاب الفتن و اشراط الساعۃ،باب اخبار النبی ...الخ،صفحہ:1107،حدیث:2891 خلاصۃً۔)

ہر ذَرَّہ پر تیری نظر ہے، ہر قطرہ کی تجھ کو خبر ہے

ہو عِلْمِ لَدُنِی کے تم دانا صَلَّی اللہ عَلَیْکَ وَسَلَّم

عیب سے تم کو پاک کیا ہے غیب کا تم کوعِلْم دیا ہے

اور خود حق بھی تم سے چھپا کیا صَلَّی اللہ عَلَیْکَ وَسَلَّم

سامانِ بخشش، صفحہ:108۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد