Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

جو مقصد هي هو ته يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صدقي جو سڀني کان وڌيڪ مستحق ته مان آهيان). اها ڳالھ ٻڌي پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خوب مرڪيا، پوءِ فرمايائون: اَطْعِمْہُ اَہْلَکَ هي کجورون پنهنجي گهر وارن ئي کي کارائي ڇڏيو..!!

(بخاری،کتاب الصوم، باب اذا جامع فی رمضان...الخ،صفحہ:511 ،حدیث:1936 ملتقطًا۔)(بخاری، حدیث:۱۹۳۶)

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي پناھ گاھ..!! روزو ٽٽي پئي ته، ڪفارو لازم آهي، ڪفارو ته پنهنجي کيسي مان ٻين کي ڏبو آهي پر ڇا شان آهي اسان جي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو، جيڪو ان در تي پناھ وٺندو آهي، ان جي بگڙيل سنورجي ويندي آهي، پاڻ سڳورن پاڻ پنهنجي طرفان ان صحابي کي کجورون عطا ڪيون ۽ فرمايو: پنهنجي اهل خانه کي ئي کارائي ڇڏيو توهان جي روزي جو ڪفارو ادا ٿي ويندو.

یہ بیٹھا ہے سکہ تمہاری عطا کا                              کبھی ہاتھ اُٹھنے نہ پایا گدا کا

ترے بابِ عالی کے قربان جاؤں                       یہ ہے دوسرا نام عرشِ خُدا کا([1])

آقا جي پناهه وٺو...!!

 پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! هي اسان جي وڏي خوش نصيبي آهي جو الله پاڪ اسان جي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي مُلاذ يعني پناھ ڏيڻ وارو بڻايو آهي. تنهنڪري * جڏهن به ڪا پريشاني ٿي. * مشڪل پيش اچي. * مصيبت اچي. تنگدستي اچي. * غربت ڇائنجي وڃي. * قرض وڪوڙي وڃن. * ڪاروبار بند ٿي وڃي. * بيماريون گهيري وٺن. * يا خدانخواسته ڪو گناھ ٿي وڃي. * نفس و شيطان پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏي. * دنيا جي محبت دل ۾ مبتلا ٿي وڃو، مطلب ته: ننڍي وڏي، دنياوي ديني ڪهڙي به پريشاني اچي،


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:55-58 ملتقطًا۔