Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ڪمن ۾ حصو وٺو! * مسجد ۾، گهر ۾، چوڪ ۽ بازار ۾ درس ڏيو!. * نماز فجر جي لاءِ جاڳايو! فجر جي نماز کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳايو! يا ان ۾ شرڪت ئي ڪيو!  * هفته وار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪيو * علم دين ۾ اضافي جي خاطر هفته وار رسالي جو مطالعو ڪيو. علم دين سکڻ جي لاءِ وقتاً فوقتاً مدني ڪورسز به ڪندا رهو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين و دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.

مدني مذاڪري ۽ مدني قافلي جي ترغيب

اي عاشقانِ رسول!دل ۾ عشق رسول وڌائڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو ذھن ماڻڻ لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوت اسلامي جي ديني ڪمن ۾ اڳڀرو ٿي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! نيڪيون ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ذھن بڻبو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه شيخِ طريقت، اميرِ اھلِ سنّت حضرت علامه مولانا ابو محمد بلال محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ھر ھفتي نماز عشاء کان پوءِ مدني چينل تي براه راست (Live)مدني مذاڪرو فرمائيندا آھن، جنھن ۾ بيشمار عاشقانِ رسول عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه (ڪراچي) ۾ حاضر ٿي ڪري عِلمِ دين جون برڪتون حاصل ڪندا آھن۔ ھزارين عاشقانِ رسول پنھنجي شھرن/علائقن ۾ اجتماعي طور تي مدني مذاڪرو ڏسڻ جو اھتمام ڪندا آھن ۽ مدني چينل، سوشل ميڊيا (مثلاً يوٽيوب، فيس بڪ وغيره) جي ذريعي ته نه ڄاڻ دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي مدني مذاڪرو ڏٺو ويندو آھي۔ توھان به پابندي سان