Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

۽ خلاصو هي آهي ته  * هڪ ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بيشمار نالا عطا فرمايا آهن. * پوءِ ان سان گڏو گڏ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي انهن نالن ۾ ڪيترين ئي خوبين سان به نوازيو ويو آهي. * الله پاڪ جا اسماءُ الحسني يعني پيارا نالا، انهن مان 30 نالا ته اُهي آهن جيڪي ربّ ڪريم اهي نالا ئي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا فرمايا آهن. * پوءِ الله جا جيڪي  99 اَسماءُالحسنيٰ آهن، ربّ ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انهن 99 نالن جو ڪامل نمونو بڻايو آهي.

هي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري نالن جون چند خوبيون هيون، هاڻي اچو! پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪجھ پيارا نالا ۽ انهن جي ٿوري وضاحت به ٻڌون ٿا.

 

(1)مبارڪ  نالو : محمد

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ  مَا  مُحَمَّدٌ  اِلَّا  رَسُوْلٌۚ-

(پارہ:4، آل عمران:144)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ محمد ته هڪ رسول آهي.

هن آيت ڪريمه ۾ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 2 نالا مبارڪ بيان ٿيا آهن؛ (1) مُحَمّد (2) رسول

مبارڪ نالو مُحَمّد، رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو سڀني کان مشهور، نهايت ئي عظمتن وارو، برڪتن وارو نالو آهي. هن مبارڪ نالي جي جيڪڏهن تفصيل ڪئي وڃي ته سڄو بيان ئي انهيءَ تي ٿي سگهي ٿو، عالم سڳورن هن نالي مبارڪ جي عظمت ۽ برڪت تي پورا پورا ڪتاب لکيا آهن، هتي مختصر طور تي هن نالي مبارڪ جي متعلق صرف هڪ ئي مدني گل بيان ڪيان ٿو، قبول ڪندا!