Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پناھ وٺڻ جي عادت بڻايو! الحمدلله! پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کي نوازيندا آهن، سڀني جي ٻڌندا آهن، سڀني کي پناھ ڏيندا آهن، سڀني کي ئي پنهنجي رحمت جي دامن ۾ لڪائيندا آهن.

وہ ہیں اللہ والے جو تجھے والی کہیں اپنا                         کہ تُو اللہ والا ہے ترا اللہ والی ہے

فقیرو بےنواؤ اپنی اپنی جھولیاں بھر لو                         کہ باڑا بٹ رہا ہے فیض پر سرکارِ عالی ہے

نکالا کب کسی کو بزمِ فیضِ عام سے تم نے                  نکالی ہے تو آنے والوں کی حسرت نکالی ہے

  روايتن ۾ موجود آهي ته انسان ته انسان جانور به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پناھ وٺندا هئا. * هرڻي هتي ئي اچي فرياد ڪيو. * ڳيري هتي اچي پنهنجي ٻارن جي لاءِ عرض پيش ڪئي. * اُٺ پنهنجي مالڪ جي شڪايت کڻي هتي ئي حاضر ٿيو، جڏهن الله پاڪ جي هي بي زبان مخلوق ڄاڻي ٿي ته اسان جي پناھ گاھ هي ئي درٻار آهي پوءِ اسان ته عقل و شعور رکڻ وارا انسان آهيون، پنهنجي آقا و موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهڻ وارا غلام آهيون، اسان ضرور پناهه  وٺنداسين.

مانگیں گے، مانگے جائیں گے، منہ مانگی پائیں گے

سرکار میں نہ لا نہ حاجت اگر کی ہے

توهان ٻن ڏينهن ۾ مڪي پڄي ويندؤ

امام عبدالرحمٰن جزولي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: 645 هجري جي ڳالھ آهي، اسان سامونڊي رستي کان مڪي شريف وڃي رهيا هئاسين، هڪ ڏينهن عصر جي نماز کان بعد اوچتو تيز هوا لڳي، سمنڊ ڇوليون ڏيڻ لڳو، ڪجھ ئي دير ۾ سج به لهي ويو، هاڻي طوفاني سمنڊ، چؤطرف اونداهي ئي اونداهي هئي اسان