Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

علم کان روشني وٺن ٿا، حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي علم غيب جا مظهر آهن، مطلب ته اي بي مثل محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان جو نه ڪو مثل آهي نه ئي ڪڏهن ٿيندو، اوهان پنهنجي هر صفت ۾، هر خوبي ۾ سڀني کان وڌيڪ، بي مثل ۽ بي مثال آهيو.

هر شيءِ روشن ٿي وئي

حضرت مُعَاذ بن جَبل رَضِىَ اللهُ عنۡه فرمائن ٿا:  هڪ ڀيري فجر جي نماز جو وقت هيو، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم معمول کان علاوه ٿوري دير ڪري آيا، فجر جي نماز پڙهائي، پوءِ فرمايائون: مان رات اٿيس، نوافل ادا ڪيا، نماز جي دوران مون کي ننڊ اچي وئي ته مون خواب جي حالت ۾ پنهنجي ربّ پاڪ کي نهايت حسين صُورت ۾ ڏٺو، مون ڏٺو ته الله پاڪ پنهنجو هٿ مبارڪ(جيئن سندس شان جي لائق آهي) منهنجي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ رکيو، ايستائين جو مون ان جي ٿڌاڻ پنهنجي سيني تي محسوس ڪئي، پوءِ ربّ ڪريم جو (سندس شان جي لائق) هٿ مبارڪ جيئن ئي مون پنهنجي سيني تي محسوس ڪيو، ته منهنجي ڪيفيت ايئن ٿي وئي جو فَتَجَلّیٰ لِیْ کُلُّ شَیْءٍ وَ عَرَفْتُ مون تي هر شيءِ روشن ٿي وئي مون کيس سڃاڻي ورتو.(ترمذی،کتاب تفسیر القرآن،باب  ومن سورۂ ص،صفحہ:747 ،حدیث:3235 ملتقطًا۔) هڪ روايت ۾ آهي: پوءِ مون جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھ آسمان ۾ آهي سڀ ڄاڻي ورتو.

(علمی مقالات، ج۲، ص:۲۲)  

 سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّي هجڻ جو شان..!! حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙي بلند رتبي جا مالڪ آهن جو کين دنيا ۾ سکڻ جي لاءِ نه بلڪ سيکارڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا، سندن ڪجھ ئي گهڙين ۾ حاصل ٿيڻ واري علم جو عالم اهو آهي جو زمين ۽ آسمان جي هر شيءِ سندن تي روشن ٿي ويندي آهي.