Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

(2) اسم مبارڪ: اَلرَّسُول

 پيارا اسلامي ڀائرو! منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ پيارو نالو اَلرَّسُوْل به آهي. اصطلاح ۾ رَسُول اُن نبي کي چوندا آهن جيڪو نئين شريعت آڻي. جيئن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام نبي آهن، رسول به آهن جو  سندن تي تورات شريف نازل ٿيو ۽ سندن نئين شريعت آندي، ايئن ئي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام نبي به آهن، رسول به آهن، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام تي به نئين شريعت لاٿي وئي. اهڙي طرح اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نبي به آهن، رسول به آهن جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمجي اچڻ سان گذريل تمام شريعتون منسوخ ٿي ويون، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي نئين شريعت عطا ڪئي وئي.

پياري آقا جي شانِ رسالت

پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۾ ڪيترا نبي ۽ رسول آيا، اسان انهن جي تعداد مقرر نٿا ڪري سگهون، البته! عالم سڳورا ايئن چون ٿا ته گهٽ مان گهٽ 1 لک چوويھ هزار انبياءِ ڪرام تشريف کڻي آيا، انهن مان 313 رسول آهن. هاڻي ذهن ۾ سُوال هي پيدا ٿئي ٿو ته رسول ڪُل 313 آهن ته پوءِ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو نالو پاڪ اَلرَّسُوْل ڪيئن ٿي سگهي ٿو.؟ رسول ته 313 آهن، انهن سڀني جو نالو اَلرَّسُوْل ٿي سگهي ٿو؟ پر اوهان قرآن ڪريم پڙهو! سورت فاتحه کان سورت والناس تائين پڙهو! قرآن ڪريم ۾ جتي جتي صرف اَلرَّسُوْل آيو آهي، ان سان گڏ ڪنهن جو به نالو ذڪر ناهي ڪيو ويو ته ان مان مراد حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ئي آهن، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جو ذڪر ڪرڻو هوندو آهي ته ان سان گڏ