Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. [1]

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس * ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس * گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس * هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس * ۽ پياري آقا، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جي خوشي ۾ جهومي جهومي نعرا به لڳائيندس، جهنڊا به لهرائيندس، ذڪرِ مصطفٰي ٻڌي ڪري دل کي به ٺاريندس.

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

     اي عاشقانِ رسول!اڄ جشنِ ولادت جي عظيم، سهاني رات آهي * اڄ اها رات آهي جو هن رات ۾ آسمان جا تارا زمين جي طرف مائل ٿي رهيا هئا * اڄ اها رات آهي جنهن رات ۾ ملائڪن جي ڄڃ زمين تي لهي رهي هئي * اڄ اها رات آهي جو هن رات زمين ۽ آسمان ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون * اڄوڪي رات اها رات آهي جو هن رات ۾ ڪعبة الله سلامي طور جهڪي ويو هو * اڄوڪي رات اها رات آهي جو ملائڪن جي سردار جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪعبي جي ڇت تي جهنڊو لڳايو هو * اڄ ان هستي جي آمد جي رات


 

 



[1] بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔