Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ڪتاب اسان جي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ مقبول به آهي. هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان اهو ئي ڪتاب پڙهي رهيو هيس، پڙهندي پڙهندي مون کي ننڊ اچي وئي، ظاهر طور اکيون بند ٿيون، دل جون اکيون کلي ويون، اَلحَمۡدُلله! پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جي سعادت نصيب ٿي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ جاءِ تي ويٺا هئا صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان چوڌاري حلقو ٺاهي بيٺا هئا، اَلحَمۡدُلله! مون پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن کي چمڻ جي سعادت حاصل ڪئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي پنهنجي هن مبارڪ مجلس ۾ ويهاريو، مون کان تلاوت به ٻڌي ۽ اهو ئي ڪتاب يعني تَذْکِرَۃُ الْمُحِبِّیْن جيڪو منهنجي هٿ ۾ هو. ان جا ڪجھ صفحات ٻڌا، پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اٿي تشريف کڻي ويا، جڏهن مان ننڊ مان جاڳيس ته خوشي مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.

(تذکرۃ المحبین، ص:۴۳)

 سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي خوش نصيبي جي ڳالھ آهي، الله پاڪ اسان کي به خواب ۾ ديدار مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  نصيب فرمائي.

ہمارے دِل سے نکل جائے الفتِ دُنیا                   دے دِل میں عشق محمد مرے رچا یارَبّ!

نبی کی دید ہماری ہے عید یااللہ!                                عطا ہو خواب میں دیدارِ مصطفےٰ یارَبّ!

دوزخ جو مستحق جنتي ڪيئن بڻيو؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هن پياري ۽ بارگاھ رسالت ۾ مقبول ڪتاب جي صفحي: 52 تي علامه محمد بن قاسم رصاع رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هيو، تمام گهڻو گنهگار هو، نيڪي ڏانهن ته ڪڏهن وڌندو ئي نه هو، هو صرف ڏينهن رات گناهن ۾ گذاريندو هو، سندس سڄي زندگي ايئن ئي گناهن ۾ گذاري ڇڏي، آخر هڪ ڏينهن ان جو وقت پورو ٿيو، حضرت ملڪ