Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

(5) اسم مبارڪ: مُلاذ

پيارا اسلامي ڀائرو! پياري  آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن نالن مان هڪ پيارو نالو مُلاذ به آهي. مُلَاذ جي معنيٰ آهي: پناھ ڏيڻ وارو. (سبل الہدی)   يعني مشڪل ۾، پريشاني ۾، مصيبت ۾، گهٻراهٽ ۾ جنهن جي پناھ ورتي وڃي.

     اَلحَمۡدُلله! منهنجي ۽ اوهان جي نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي الله پاڪ سڄي مخلوق جي لاءِ پناھ گاھ بڻايو آهي، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو هي عام معمول هيو، انهن کي جڏهن به ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته رسول ذيشان، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي پناھ وٺندا هئا، ڪنهن جي آمدني ۾ تنگي ٿي ويندي هئي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي بارگاھ ۾ پهچي ويندو هو، ڪنهن کان خطا ٿي ويندي هئي ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ پناھ وٺندو هو، ڪنهن جي اک نڪري ويندي هئي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار ۾ پڄي ويندو هو، مطلب ته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو عام معمول هيو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   جي پناھ حاصل ڪندا هئا.

روزي جو نرالو ڪفارو

بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي، صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ   فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان بارگاھِ رسالت ۾ حاضر هئاسين، ايتري ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: یارسولَ اللہ! ہَلَکْتُ يعني يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مان هلاڪ ٿي ويس(هاڻي ڏسو! ان صحابي سڳوري تي مشڪل آئي هئي،  ته پناھ وٺڻ جي لاءِ محبوب جي دروازي تي حاضر ٿيا) رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: ڇا ٿيو؟ عرض ڪيائين: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم !