Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ڪتابون به شامل ڪيون وينديون۔ ھن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توھان احاديثِ ڪريمه کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙھي سگھو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنھنجي گھرج واري موضوع جو به مطالعو ڪري سگھو ٿا، ھن ايپلي ڪيشن ۾ سرچ آپشن جي سھولت به موجود آھي، جنھن جي ذريعي ڪا به حديث ۽ ان جي شرح ڳولھي سگھجي ٿي. (3) بھارِ شريعت موبائل ايپلي ڪيشن: ھن ايپلي ڪيشن جي ذريعي ديني مسئلا پڙھي ۽ سکي سگھجن ٿا۔ (4) مولانا الياس قادري موبائل ايپلي ڪيشن: ھن ايپلي ڪيشن جي ذريعي توھان ڄاڻي سگھو ٿا: اميرِ اھلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مختصر تعارف * مختلف موضوعن تي جڙيل Category Wise مدني مذاڪري جا سوالَ ۽ انھن جا جوابَ * اميرِ اھلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي آفيشل سوشل نيٽ ورڪ اڪائونٽ۔

هي ايپليڪيشنز پاڻ به انسٽال ڪيو! پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.

                          صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

جشنِ ولادت ۽ ميلاد جي جلوس متعلق مدني گُل

اي عاشقان رسول!سڀاڻي ٻارھين شريف آھي، پياري نبي، رسولِ ھاشمي، مڪي مدني، مُحمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جشنِ ولادت آھي، اَلحمدُلِله!صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان به پنھنجي دور جي مطابق ولادت مصطفيٰ جي خوشي ڪئي، ھن نعمت تي الله پاڪ جو شڪر بجا آندائون بلڪه پاڻ اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به پنھنجو جشن ولادت ملھائيندا ھئا بلڪه