Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته ساليانو نه بلڪ ھر ھفتي يعني ھر سومر شريف تي روزو رکي ڪري پنھنجو جشنِ ولادت ملھائيندا ھئا۔

 اچو! نيت ڪيون ٿا تو اسان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم !ڌوم ڌام سان جشن ولادت ملھائينداسين، جشنِ ولادت جي خوشي ۾ سٺا، صاف سٿرا  ڪپڙا به پائينداسين، تيار ٿي ڪري ميلاد جي جلوس ۾ به شرڪت ڪنداسين، آقا جي آمد جا نعره به لڳائينداسين ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان جي بي مثال آقا جو جشنِ ولادت آھي، اَلحمدُلِله! اسان ان تي دل ۽ جان سان خوش به آھيون ۽ رَبِّ ڪريم جا شڪر گذار به آھيون۔

منانا جشنِ میلادُالنبی ہرگز نہ چھوڑیں گے               جلوسِ پاک میں جانا کبھی ہرگز نہ چھوڑیں گے

لگاتے جائیں گے ہم یارسولَ اللہ کے نعرے            مچانا مرحبا کی دھوم بھی ہرگز نہ چھوڑیں گے

ميلاد جي جلوس ۾ شرڪت ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي اِن شَآءَ اللهُ! ميلاد جي جلوس ۾ به خوب ڌوم ڌام سان شرڪت ڪرڻي آھي * ميلاد جي جلوس ۾ گاڏيون/موٽر سائيڪل/پيادل ھر انداز سان ڀرپور تياري سان شرڪت ڪئي ڃي * ميلاد جي جلوس ۾ نظم و ضبط (Discipline) جو ڀرپور مظاھرو ڪيو! * ميلاد جي جلوس ۾ نعتون ۽ نعرا اھي ئي ھلايا وڃن جيڪي پاڪستان مشاورت آفيس مان جاري ڪيا ويا آهن * ميلاد