Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ملندي آهي. پلصراط تي آساني به نصيب ٿيندي آهي. ۽ الله پاڪ جي فضل سان اسمِ مصطفيٰ جي برڪت سان گنهگار بخشش جي خيرات ماڻي جنت جا مستحق به بڻجي ويندا آهن.

جو چاہتے ہو کہ ہو سرد آتشِ دوزخ

دِلوں پر نقش محمد کا نام کر لینا

ملا ہے خوب ہی نسخہ گنہگاروں کو

تمہارے نام سے دوزخ حرام کر لینا

(قبالۂ بخشش، صفحہ:21۔)

پياري نالن جي هڪ خاصيت

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نهايت عاليشان رُتبي جا مالڪ آهن، هي حقيقت آهي ته پاڻ سڳورن جو شان ۽ عظمت، سندن صفتون ۽ ڪمال اهڙا نه آهن جو انهن کي شمار ڪري سگهجي. ڪنهن شاعر چيو آهي:

زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے

تیرے اوصاف کا اک باب بھی پُورا نہ ہوا

هي صرف شاعراڻو مبالغو ناهي بلڪ حقيقت آهي. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻين صفتن ۽ ڪمالات جي ته ڇا ڳالھ ڪجي..!! الله پاڪ پنهنجي پياري نبي کي ايترا نالا ۽ صفتون عطا ڪيون آهن جو اسين انهن کي شمار به نٿا ڪري سگهون. پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا نالا ڪهڙا آهن؟ انهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ انهن پيارن نالن ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪهڙو شان آهي؟ هي ته بعد جي ڳالھ آهي، عالم سڳورن هن ڳالھ جي تحقيق ڪئي آهي ته سندن نالن