Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

الله پاڪ پنهنجا صفاتي نالا پنهنجي محبوب کي عطا ڪيا

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالھ تي ٿورو غور ڪيو! نالو منهنجو به آهي، نالو اوهان جو به آهي، دنيا ۾ هر انسان جو، هر شيءِ جو ڪونه ڪو نالو ته هوندو ئي آهي پر غور جو مقام آهي ته ڇا منهنجي نالي جي ڪا خاصيت آهي؟ مثلاً  ڪنهن شخص جو نالو زيد آهي، ان ماڻهو جو نالو زيد هجڻ ۾ ان جي ڪهڙي خاصيت ٿي سگهي ٿي؟ ڪجھ به نه...!! رڳو ننڍپڻ ۾ والدين سندس نالو زيد رکي ڇڏيو هو سُو اهو ئي نالو هاڻي تائين هلندو پيو اچي. پر قربان وڃجي! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان نرالو آهي. الله ڪريم پاڻ کي بيشمار نالا ته عطا فرمايا، ان سان گڏوگڏ انهن پاڪيزه نالن ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهڙين خوبين سان به نوازيو آهي جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نالن جي لحاظ سان به بي مثل ۽ بي مثال آهن.  

پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خاصيتن کي ئي جيڪڏهن شمار ڪيو وڃي ته هي خاصيتون ئي اسان جي عقل و فهم کان ٻاهر آهن. مثال طور تي مان اوهان جي سامهون حضُور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري نالن جي صرف هڪ خاصيت عرض ڪيان ٿو: قاضي عياض مالڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا بيشمار نالا آهن، انهن نالن مان 30 نالا اهي آهن جيڪي اصل ۾ الله پاڪ جا نالا آهن پر ربّ ڪريم اهي نالا پنهنجي محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي به عطا فرمايا آهن. (مواہب اللدنیہ، ۱/۴۴۴ شاملہ)

وہ نامی کہ نامِ خُدا نام تیرا

رَؤوفُ و رَحِیْمُ و عَلِیْمُ و علی ہے