Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

تم دِل کے لئے قرار آقا                                      تم راحتِ جانِ زار آقا

بندے ہیں گنہگار بندے                                    آقا ہے کرم شعار آقا

آرام سے سوئیں ہم کمینے                                    جاگا کریں باوقار آقا

ایسا تو کہیں سنا نہ دیکھا                                        بندوں کا اُٹھائیں بار آقا

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

(4) اسم مبارڪ:  اُمّي

 اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ پيارو نالو آهي: اُمّي. وڏو مشهور و معروف نالو آهي، قرآن ڪريم ۾ به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو هي نالو پاڪ آيو آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَلَّذِیْنَ یَتَّبِعُوْنَ الرَّسُوْلَ النَّبِیَّ الْاُمِّیَّ

(پارہ:9، الاعراف:157)

ترجموڪنزالعرفان: اهي جيڪي ان رسول جي پيروي ڪن جيڪي غيب جون خبرون ڏيڻ وارا آهن،  جيڪي ڪنهن کان پڙهيل ناهن،

لفظ اُمّي جي معنيٰ آهي: اڻ پڙهيل. يعني اهو شخص جنهن دنيا ۾ ڪنهن وٽ پڙهيو لکيو نه هجي. هي ڏاڍي نرالي ڳالھ آهي، اڻ پڙهيل هجڻ، لکڻ پڙهڻ نه سکڻ جيڪڏهن اسان جي حق ۾ هجي ته هي عيب آهي پر اُمي هجڻ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تمام وڏو شان آهي. هن هڪڙي پياري نالي ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو ڪيڏو نه شان ۽ عظمت هن هڪ مبارڪ نالي ۾موجود آهي، اچو ٻڌون ٿا: