Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

نمازي به آھيون۔ نماز اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ آھي ان جي ڪري نمازن جي گهڻي مان گهڻي پابندي ڪيو. بالخصوص سڀاڻي ميلاد شريف جي مصروفيتن ۾ به نمازن جي وقتن جو خاص لحاظ ڪيو۔ ايئن نه ٿئي جو ميلاد جون خوشيون ملهائڻ وارا  (معاذ الله!) نمازون قضاء ڪري ويھي رھن؛ * نماز سڀ کان اوّلين فرض آھي۔ * نماز انڌيري قبر جو ڏيئو آھي * نماز قبر جي عذاب کان بچائي ٿي * نماز قيامت جي اُس ۾ ڇانوَ آھي * نماز پلصراط جي لاءِ آساني آھي * نماز جهنم جي عذاب کان بچائي ٿي * نماز سان رحمت نازل ٿيندي آھي * نماز سان گناھ معاف ٿيندا آھن * نماز دعائن جي قبوليت جو سبب آھي * نماز بيمارين کان بچائي ٿي * نماز سان بدن کي سڪون ملندو آھي * نماز سان روزي ۾ برڪت پوندي آھي * نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان بچائيندي آھي(فیضان نماز، صفحہ:10 ملتقطاً۔) * ۽ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه نماز قُربِ خدا!۽ قُرب مصطفيٰ ڏياريندي آھي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي پڪو نمازي بڻجڻ جي توفيق ڏي۔ ۽ سچو عاشق رسول، پڪو ميلادي به بنائي رکي.

آمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهِ وَسَلَّم

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                              ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فرحت نماز                              ہے مریضوں کو پیغامِ صحّت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈ ک ہے یہ                  قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

بھائیو! گر خدا کی رِضا چاہئے                                       آپ پڑھتے رہیں باجماعت نماز

قرآن ڪريم جي تلاوت ڪيو۔۔۔۔!!!

اي عاشقانِ رسول!اڄ اسان جنھن جو جشنِ ولادت ملھائي رھيا آھيون تنھن تي