Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

فرمائيندا اَنَا لَہَا يعني ها! مان ئي هن جي لاءِ آهيان (مون کي سڄي جهانن جي لاءِ رحمت بڻايو ويو آهي.)

تمہارا نام مصیبت میں جب لیا ہو گا                               ہمارا بگڑا ہوا کام بن گیا ہو گا

دِکھائی جائے گی محشر میں شانِ محبوبی                             کہ آپ ہی کی خوشی، آپ کا کہا ہو گا

خُدائے پاک کی چاہیں گے اگلے پچھلے خوشی                   خُدائے پاک خوشی ان کی چاہتا ہو گا

خُدائی بھر انہی ہاتھوں کو دیکھتی ہو گی                             زمانہ بھر انہیں قدموں پہ لوٹتا ہو گا

بنی ہے دم پہ، دُہائی ہے تاج والے کی                       یہ غُل، یہ شور، یہ ہنگامہ جابجا ہو گا

میں ان کے در کا بھکاری ہوں فضلِ مولیٰ سے              حسنؔ فقیر کا جنّت میں بسترا ہو گا

(ذوقِ نعت)

 پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي، رحمٰن الله پاڪ آهي، هي صفت به الله پاڪ جي آهي، نالو به الله پاڪ ئي جو آهي، الله پاڪ کان سواءِ ڪنهن کي به رحمٰن نٿا چئي سگهون پر الله پاڪ هن صفت جو مظهر پنهنجي محبوب کي بڻايو آهي.

الله پاڪ جي سڀني کان پهرين رحمت

هاڻي انهيءَ ساڳي ڳالھ کي ٻئي نقطي نظر سان ڏسو! الله پاڪ رحمٰن آهي، ان جون بيشمار رحمتون آهن، مون تي الله پاڪ جون ڪيتريون رحمتون آهن، توهان تي الله پاڪ جون ڪيتريون رحمتون آهن، هن سڄي جهان تي الله پاڪ جون ڪيتريون رحمتون آهن، انهن کي اسين شمار ڪري ئي نٿا سگهون، پر هڪ سوال آهي: الله پاڪ اسان تي جيڪي ايتريون ساريون رحمتون فرمايون آهن، انهن مان سڀني کان پهرين رحمت ڪهڙي آهي؟