Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

آهي جن جي آمد جي خوشخبري ڏيڻ ڪم و بيش هڪ لک 24 هزار انبياء ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جنهن جي آمد جون ڌومون عرش ۽ فرش، زمين ۽ آسمان ۾ مچايون ويون * اڄ ان جي اچڻ جي رات آهي جيڪي الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ سان ملائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي اچڻ جي رات آهي جيڪي گمراهن کي سڌي واٽ ڏيکارڻ جي لاءِ آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي دلين کي نورِ ايمان سان جڳمڳائڻ لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي، جيڪي انسانيت کي نفس ۽ شيطان جي قيد مان ڇڏرائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي اچڻ جي رات آهي جيڪي ڪفر ۽ شرڪ جون پاڙون پٽڻ جي لا تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي پنهنجي نور سان دنيا کي جڳمڳائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ڪرم جا درياء وهائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ستلن کي جاڳائڻ، روئندن کي کلائڻ لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ڪِريلن کي اٿارڻ، دل ۽ جان کي زندهه فرمائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جو جن کي ربّ ڪريم پنهنجي مُلڪ جو مالڪ بنايو آهي * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جن جي قبضي ۾ ربّ ڪائنات جا خزانا آيا آهن * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي رَؤف به آهن، رَحِيۡم به آهن * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي نهايت سخي به آهن، ڪريم به آهن * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي غريبن جا سهارا بڻجي تشريف کڻي آيا * اڄ ان جي آمد جي رات آهي جيڪي ٻنهي جهانن جا مالڪ ۽ مختار،گنهگارن جي شفاعت فرمائڻ وارا، الله پاڪ جا حبيب و محبوب ۽ خليل بڻجي تشريف کڻي آيا آهن.