Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

مثل و بي مثال بشر بڻايو * الله پاڪ کين نبي بڻايو ته سڀني نبين جو سردار بڻايو. الله پاڪ کين نور بڻايو ته نُوري مخلوق ٻي به آهي، تمام ملائڪ نوري مخلوق آهن پر ٿورو معراج جي واقعي تي نظر وجهو،  هڪ نور حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام آهن، هڪ نور منهنجا ۽ اوهان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، سِدرة المنتهيٰ جو مقام اچي ٿو، حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪن ٿا: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هتان کان ٿورو به اڳتي وڌندس ته منهنجا پَر سڙي ويندا، ٿورو غور ڪيو، حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام به نور آهن، پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به نور آهن، هڪ اهو نُور آهي ته ٿورو اڳتي وڌي ته پَر سڙن ٿا، هڪ اهو مبارڪ نُور آهي جو اڳتي وڃي ته جسم مبارڪ تي پاتل ڪپڙن کي به تَئُو نٿو اچي. الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي بي مثل و بي مثال نور بڻايو آهي * ۽ شان ڏسو! دنيا ۾ هر هڪ کي جنهن فطرت تي پيدا ڪيو ويو، ربّ ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي فطرت به سڀني کان جدا عطا فرمائي آهي. سڀني جي فطرت ۾ سکڻ رکيو، محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي فطرت ۾ اُمّي هجڻ جو شان رکيو، جو پاڻ سکن ته ڪنهن کان نٿا، سيکارين سڀني کي ٿا.  

عالِمِ عِلْمِ لدُنِی آپ کو حق نے کیا                                    حال سب روشن ہے تم پر رَحْمۃٌ لِّلْعَالَمِیْں

بےپڑھے عالِم نے ہر عالِم پہ عِلْم القا کئے                   عِلْمِ غیبِ حق کے مظہر رَحْمۃٌ لِّلْعَالَمِیْں

ہے نہ کوئی تیرا ثانی اور نہ ہو گا تااَبد                               ہر صفت میں سب سے بڑھ کر رَحْمۃٌ لِّلْعَالَمِیْں

 (قبالہ بخشش)

وضاحت: اي تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي اچڻ وارا محبوب نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ کين خاص علم لُدني عطا فرمايو، سندن تي تمام حالات روشن آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهي امي آهن جو دنيا ۾ ڪنهن کان ڪجھ نه پڙهيو، نه سکيو، ان جي باوجود علم اهڙو ڪمال آهي جو سڀئي علماء سندن ئي جي