Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

مون فرض روزو ٽوڙي ڇڏيو آهي. فرمايائون: ڇا توهان ان جي ڪفاري ۾ غلام آزاد ڪري سگهو ٿا؟ عرض ڪيائين: نه، يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  مان ان جي گنجائش نٿو رکان. ارشاد فرمايو: ڇا تون لاڳيتو 2 مهينن جا روزا رکي سگهين ٿو؟ عرض ڪيائين: ان جي به طاقت نٿو رکان. پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وري فرمايو: ڀلا 60 مسڪينن کي کاڌو کارائي سگهين ٿو؟ عرض ڪيائين يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! ان جي به استطاعت ناهي.

(روزي جي ڪفاري جا هي ٽي ئي درجا آهن، جيڪو انسان فرض روزو ٽوڙي ۽ ڪفاري جا شرط پاتا وڃن ته انهن ٽنهي مان ئي ڪنهن هڪ تي عمل ڪرڻو هوندو آهي ۽ هي صحابي رسول آهي، جيڪو انهن مان ڪنهن تي به عمل ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي پر قربان وڃو! الله پاڪ جي فرض ڪيل عبادت مڪمل نه ٿي ته پناھ ڪٿي ورتي؟ پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي بارگاھ ۾ پناھ ورتي. هتي جيڪو پناھ وٺندو آهي جهولي ڀري ويندو آهي، جيئن ته  پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي ٽن مان هڪ تي عمل ڪرڻ جو فرمايو، هي انهن ٽنهي مان ڪنهن تي به عمل ڪرڻ جي طاقت نه رکندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خاموش ٿي ويا)

ٿوري دير کان پوءِ کجورن جي هڪ ٽوڪري حاضر ڪئي وئي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اهو روزو ٽوڙڻ وارو ڪاٿي آهي؟ عرض ڪيائين: مان هتي ئي آهيان. فرمايائون: خُذْ ہٰذَا فَتَصَدَّقْ بِہٖ هي کجورن جي ٽوڪري وٺو ۽ ان کي صدقو ڪري روزي جو ڪفارو ادا ڪيو! هاڻي ان کان اڳتي جيڪو حديث شريف جو حصو اچي ٿو اهو نهايت ايمان افروز آهي، ان صحابي عرض ڪيو: اَعَلیٰ اَفْقَرُ مِنِّی یَارَسُوْلَ اللہ! يعني يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! سڄي مديني ۾ جيڪو ٻانهو مون سان گهٽ مال وارو هجي، ان تي صدقو ڪرڻو آهي؟ (ان جي چوڻ