Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

جڏهن ته الله پاڪ فرمائي رهيو آهي ته اي محبوب! اسان توهان کي شاهد بڻائي موڪليو يعني اسان توهان کي حاضر به بڻايو، ناظر به بڻايو ته خبر پئي پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مزار مبارڪ ۾ تشريف فرما آهن، حيات آهن ۽ پنهنجي سڄي اُمت کي ڏسي به رهيا آهن، پوءِ جڏهن چاهيندا آهن، جتي چاهيندا آهن تشريف به وٺي ويندا آهن.

اُمَّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں                     خوابوں میں آ رہے ہیں بگڑی بنا رہے ہیں

 * انهي طرح پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو هڪ پيارو نالو: مُبَشِّر يعني خوشخبري ٻڌائڻ وارو، اَلحَمۡدُلله! منهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خوش خبريون ٻڌائڻ وارا آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهلايمان کي جنت جون خوشخبريون ٻڌائڻ وارا آهن، الله پاڪ جي رضا جي خوشخبري ٻڌائڻ وارا آهن، جيڪي نمازي آهن، جيڪي روزا رکڻ وارا آهن، جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ وارا آهن، جيڪي چڱائي جي راھ تي هلندڙ آهن، منهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي دنيا ۾ ڀلائي جون خوشخبريون ٻڌايون، سڪرات ۾ آساني جون خوشخبريون ٻڌايون، حشر ۾ حساب جي وقت، پلصراط تي سلامتي جون خوش خبريون ٻڌايون، ۽ هي به خوش خبري ٻڌائي ته جيڪي الله ۽ رسول جي احڪام تي عمل ڪرڻ وارا آهن، الله پاڪ پنهنجي رحمت سان انهن کي جنّت به عطا فرمائيندو ۽ جنت ۾ پنهنجو ديدار به عطا فرمائيندو.

 * اهڙي طرح رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو هڪ پيارو پيارو نالو نَذِیْر به آهي. يعني ڊيڄارڻ وارا نبي. اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ڊيڄارين ٿا، ڪنهن کي؟ غيرمسلن کي، نافرمانن کي جيڪي الله ۽ رسول جي نافرماني ڪن ٿا، نيڪي جو رستو ڇڏي ڪري گناهن جو رستو