Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ٽيلي ٿون ۾ حصو وٺڻ وارن جي لاءِ امير اهل سنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نهايت پياري دعا فرمائي آهي، اچو! اها دعا مان اوهان کي ٻڌايان ٿو.

بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ!  فرمانِ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : صدقي جي ذريعي پنهنجي مريضن جو علاج ڪيو.

ياربّ المصطفيٰ! دعوت اسلامي جي تمام شعبن جي لاءِ 15 آڪٽوبر 2023 تي ٿيڻ واري ٽيلي ٿون ۾ جيڪو به ٽيلي ٿون کان پهريان يا بعد ۾ پنهنجي ملڪي ڪرنسي ۾ گهٽ مان گهٽ 1 يونٽ جمع ڪرائي، ان کي ايمان جي سلامتي نصيب فرماءِ. اهو مرندي وقت ڪلمو پڙهڻ جي سعادت ماڻي. ان جي قبر جنت جو باغ بڻجي، ياربُّ العزت! اهو بي حساب جنت ۾ داخل ٿي وڃي ۽ جيڪو وڌيڪ يونٽ جمع ڪرائي، مالڪ ڪريم ان تي وڌيڪ رحمتون نازل ٿين ۽ گڏوگڏ جنت الفردوس ۾ ان کي پياري حبيب آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙيسري بڻجڻ نصيب ٿي وڃي. جيڪو منهنجو مدني پٽ ۽ مدني ڌيءَ ٻين کي يونٽ جمع ڪرائڻ جي ترغيب ڏين، ان ڪم جي لاءِ تيار ڪن يا ان جي لاءِ ڪنهن به طريقي سان ڪوشش ڪن، انهن تمام جي حق ۾ به هي دعائون قبول ٿين ۽ مون گنهگار جي حَق ۾ به هي دعائون قبول فرماءِ .

اللہکرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                               اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو!

پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن