Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

رحمٰن (يعني نهايت مهربان هجڻ) هي صفت الله پاڪ جي آهي، هي نالو الله جو آهي، جڏهن هي زمين نه هئي، آسمان نه هو، سج چنڊ تارا نه هئا ڪجھ به نه هو، مخلوق جو وجود ئي نه هو، الله پاڪ ان وقت رحۡمٰن هو، اهو هميشه جي لاءِ رحمٰن رهندو پر غور طلب ڳالھ اها آهي: الله پاڪ رحمٰن آهي پر جڏهن ربّ ڪريم پنهنجي رحمتن کي مخلوق تي وسائڻ چاهيو، پنهنجي رحمٰن هجڻ کي ظاهر ڪرڻ جو اِرادو فرمايو ته ڇا ڪيو: هن صفتِ رحمٰن کي ڪيئن ظاهر فرمايو؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَاۤ  اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَۃً  لِّلۡعٰلَمِیۡنَ (۱۰۷)

(پ 17، الانبياء:107)

ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ اسان اوهان کي تمام جهانن جي لاءِ رَحمت بڻائي ئي موڪليو.

هي ربّ رحمٰن جي صفت رحمٰن جو سڀ کان وڏو ظهور آهي، جڏهن الله پاڪ پنهنجي صفت رحمٰن کي ظاهر ڪرڻ جو اِرادو فرمايو ته پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان صفت جو مظهر (يعني نشاني ۽ نمونو) بڻائي ڇڏيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو رَحْمۃٌ لِّلْعَالَمِیْن هجڻ الله پاڪ جي صفت رحمٰن جو اظهار آهي.

 مان هي ڳالھ اوهان کي ٿورو واضح ڪري ٻڌايان ٿو، ڏسو! * الله پاڪ انسانن جي لاءِ رحمٰن آهي، اسان کي ان جي خبر ڪيئن پوندي ته الله پاڪ انسانن جي لاءِ رحمٰن آهي؟ خبر ايئن پوندي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي انسانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي. * الله پاڪ ملائڪن جي لاءِ رحۡمٰن آهي، ان جو ظهور ڪيئن ٿيو؟ ان جو ظهور ايئن ٿيو ته الله پاڪ