Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ملائڪن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو. * الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي لاءِ رحمٰن آهي، ان جو اِظهار هيئن فرمايو ته زمين ۽ آسمان جي لاءِ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي رحمت بڻائي موڪليو. * الله پاڪ تمام مخلوق جي لاءِ رحمت آهي، ان جي خبر ڪيئن پئي؟ هن طرح جو ان تمام مخلوق جي لاءِ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي رحمت بڻايو آهي. * الله پاڪ عالمِ اَرواح جي لاءِ رحمن آهي ته ربّ ڪريم روحن جي لاءِ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي رحمت بڻايو. * الله پاڪ عالمِ برزخ وارن جي لاءِ رحمٰن آهي ته ان پنهنجي محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عالم برزخ وارن جي لاءِ رحمت بڻائي ڇڏيو. * ۽ حقيقت اها آهي ته الله پاڪ جي صفت رحمٰن جو اصل ظهور قيامت جي ڏينهن ٿيندو ڇوته حديث مبارڪ ۾ آهي هن دنيا ۾ الله پاڪ جي صرف هڪ ئي رحمت جو ظهور آهي، قيامت جي ڏينهن ربّ ڪريم جي 100 رحمتن جو ظهور ٿيندو، لهٰذا قيامت جي ڏينهن اصل ۾ ربّ ڪريم جي صفتِ رحمٰن جي ظهور جو ڏينهن آهي سو الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي قيامت جي ڏينهن جي لاءِ به رحمت بڻايو آهي. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي رَحْمَةٌ لِّلْعَالَمِیْن هجڻ جي ظهور جو اصل ڏينهن به قيامت جو ئي ڏينهن هوندو. کيس لِوَاءُ الْحَمْد عطا ڪيو ويندو. مقامِ محمود تي فائز فرمايو ويندو. شفاعت ڪبريٰ جو منصب حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ئي عطا ٿيندو. ڪي پنهنجا هجن يا پرايا، اڳيان هجن يا پويان سڀئي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿي شفاعت جو سوال ڪندا. حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم