Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ان جو جواب آهي: وجود. مون تي الله پاڪ جي سڀ کان پهرين رحمت اها هئي ته الله پاڪ مون کي وجود عطا فرمايو، آءُ نه هيس، الله پاڪ مون کي پيدا فرمايو، انهي طرح  هي سڄي مخلوق، زمين، آسمان، چنڊ، سج، تارا، انسان، جنّ، ملائڪ، هوا، باھ، پاڻي، وڻ، پکي، هن سموري مخلوقات تي الله پاڪ جي سڀ کان پهرين رحمت اها آهي ته ان ربّ رحمٰن ان سموري مخلوقات کي وُجود عطا فرمايو آهي، جيڪڏهن اسان جو وجود ئي نه هجي ها ته يقينن اسان جي حق ۾ رحمت جو ڪو تصور ئي نه هجي ها.

 هاڻي ڏٺو وڃي ته الله پاڪ تمام مخلوقات تي سڀني کان پهرين جيڪا رحمت نازل فرمائي، ان رحمت فرمائڻ جو ڪهڙو طريقو هيو، ڇا انداز هو؟ ان تي غور ڪيو! حديث شريف ۾ آهي، منهنجي ۽ اوهان جي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَوَّلُ مَا خَلَقَ اللہ نُوْرِی وَ کُلُّ شَیْئٍ خُلِقَ مِنْ نُوْرِی  يعني سڀني کان پهريان الله پاڪ منهنجي نور کي پيدا فرمايو ۽ منهنجي نور مان تمام مخلوق کي پيدا فرمائي ڇڏيو.

(مطالع المسرات ، الحزب الثانی فی یوم الثلاثاء،صفحہ:225۔)

 سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اسان جي آقا و مولي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نرالي شان....!! پاڻ الله پاڪ جي صفتِ رحمٰن جا ڪامل مظهر آهن، ايستائين جو الله پاڪ تمام مخلوق تي پنهنجي رحمت فرمائي ڪري انهن کي وجود بخشيو هو، حالانڪ الله پاڪ ڪنهن جو محتاج نه آهي، اهو بي نياز آهي پر الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت ئي ڪجھ اهڙي آهي جو ان رحمٰن و رحيم مخلوقات تي پنهنجي سڀ کان پهرين رحمت به پنهنجي محبوب نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذريعي فرمائي آهي.

تم سے کھلا بابِ جُود، تم سے ہے سب کا وُجُود

تم سے ہے سب کی بقا تم پہ کروڑوں درود