Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

سندس نالو به ذڪر ويندو آهي، يعني جڏهن صرف لفظ اَلرَّسُوْل ذڪر ڪيو ويندو ته ان مان مراد رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ئي مراد هوندا.

(تفسیرِ نعیمی ، پارہ:3،آلِ عمران، زیرِ آیت:81، جلد:3، صفحہ:591 خلاصۃً۔) 

آخر سبب ڇا آهي؟ ان جو سبب هيءُ آهي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي رسول به بڻايو آهي ته بي مثل و بيمثال بڻايو آهي.

علماءُ ڪرام قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ صاف صاف لکيو آهي ته اصل ۾ جن کي رسول بڻائڻو هو، اهي اسان جا آقا و موليٰ مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  آهن، اصل ۾ جن کي نبوت جو تاج عطا ڪرڻو هو، اهي اسان جا پيارا نبي آهن، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سواءِ جن جن کي نبوت عطا ٿي، جن جن کي رسالت ڏني وئي، نبوت انهن جي به اصلي آهي، رسالت انهن جي به حقيقي آهي پر انهن کي نبوت ۽ رسالت جو جيڪو تاج پارايو ويو اهو اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ پارايو ويو. ڏسو! قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَإِذْ أَخَذَ اللَّهُ مِيثَاقَ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ياد ڪيو جڏهن الله نبين کان وعدو ورتو.

ڪنهن کان وعدو ورتو؟

النَّبِيِّينَ

ترجمو ڪنزالعرفان:  نبين کان

ڪهڙو وعدو ورتو؟

لَمَا آتَيْتُكُمْ مِنْ كِتَابٍ وَحِكْمَةٍ

ترجمو ڪنزالعرفان:  ته مان توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪندس.

پوءِ ڇا ٿيندو؟