Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

ثُمَّ جَاءَكُمْ رَسُولٌ مُصَدِّقٌ لِمَا مَعَكُمْ

ترجمو ڪنزالعرفان:  پوءِ توهان وٽ اهو عظمت وارو رسول تشريف کڻي ايندو، جيڪو توهان جي ڪتابن جي تصديق ڪرڻ وارو هوندو.

هاڻي الله پاڪ انهن تمام نبين ۽ رسولن کان وعدو ورتو ته

لَتُؤْمِنُنَّ بِهٖ وَ لَتَنْصُرُنَّهٗؕ-قَالَ ءَاَقْرَرْتُمْ وَ اَخَذْتُمْ عَلٰى ذٰلِكُمْ اِصْرِیْؕ-قَالُوْۤا اَقْرَرْنَاؕ-قَالَ فَاشْهَدُوْا وَ اَنَا مَعَكُمْ مِّنَ الشّٰهِدِیْنَ(۸۱)

 ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ توهان ضرور ان تي ايمان آڻجو ۽ ضرور ان جي مدد ڪجو. (الله) فرمايو: (اي نبيو!) ڇا توهان(هن حڪم جو) اقرار ڪري ورتو ۽ هن (اقرار) تي منهنجو ڳرو ذمو کڻي ورتو؟ سڀني عرض ڪيو، ”اسان اقرار ڪري ورتو“ (الله) فرمايو ته (هاڻي) هڪٻئي تي (به) گواھ بڻجي وڃو ۽ مان پاڻ (به) توهان سان گڏ گواهن مان آهيان.

هن آيت ڪريمه جي حوالي سان تفسير نعيمي ۾ آهي: سڀ انبياءِ ڪرام حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا نائب آهن ۽ هميشه کان حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي موجودگي سڀني جي اصل آهي. صوفياءِ ڪرام فرمائن ٿا:  حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  مطلق حقيقي رسول آهن، باقي تمام انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام سندن تابع آهن، انهيءَ ڪري سڀني نبين سڳورن طرفان سندن نبوت جو اقرار ڪيو ويو، هن مان خبر پئي، پيارا نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني نبين جا به نبي آهن.

(تفسیرِ نعیمی ، پارہ:3،آلِ عمران، زیرِ آیت:81، جلد:3، صفحہ:596ملتقطًا۔) 

الله! الله! هي آهي اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان رسالت ۾ هيڪڙائي..!! ٻيا نبي به کوڙ آهن. رسول ٻيا به کوڙ آهن پر اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهي عظيم الشّان نبي ۽ عظيم