Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

يعني * يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني کان اَوّل نبي به اوهان آهيو جو اڃا حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي تخليق ئي نه ٿي هئي ته اوهان کي نبوت عطا ڪئي وئي هئي. آخري نبي به اوهان آهيو، نبوت ۽ رسالت جي ابتداء به اوهان کان آهي، انتها به اوهان کان آهي. * سڀئي نبي وسيلا هئا، هدايت جو اصل مقصد اوهان آهيو. * جيئن نماز پڙهڻي هجي ته پهريان وضُو ڪندا آهيون، ايئن ئي پهريان جيترا نبي تشريف کڻي آيا، سڀئي ڄڻ ته وضو هئا جيڪي مخلوق کي پاڪ ڪندا آيا، يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان ڄڻ اها نماز آهيو جنهن جي لاءِ هاڻي تائين زماني کي وضو ڪرايو پئي ويو. * سڀئي نبي خوش خبريون ئي ڏيندا آيا، سڀئي نبي پنهنجي اُمّتن کي هي ٻڌائيندا پئي آيا ته انسانو! عنقريب هڪ نبي تشريف کڻي اچڻ وارا آهن، يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڀئي نبي جنهن جي اچڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا، اوهان ان اعلان جا مقصد آهيو. * جيئن ڪٿي طويل سفر تي وڃڻو هجي ته رستي ۾ ڪيئي جڳهين تان گذرڻو پوندو آهي، ڪيئي هنڌن تي بيهڻو پوندو آهي، ايئن ئي يارسول الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  الله پاڪ جي قرب جي سفر ۾ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام ڄڻ ته رستي جون منزلون هئا، اوهان هن سفر جي آخري منزل آهيو. * سڀئي نبي هي ٻڌائڻ آيا ته هڪ نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي اچڻ وارا آهن، اسان کان ان تي ايمان آڻڻ جو وعدو ورتو ويو، اي انسانو! توهان انهن جو زمانو ماڻيو ته انهن تي ايمان آڻجو. يعني سڀئي اوهان جي در جو رستو ٻڌائيندا رهيا، اوهان آهيو جيڪي راھِ خدا آهيو.

سُبْحٰنَ اللہ! هي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانِ رسالت آهي..!! باقي جيڪي 313 رسول آهن، اهي به حقيقي ۽ اصلي رسول آهن، انهن جي رسالت ۾ به ڪنهن قسم جو ڪو نقص يا عيب وغيره معاذالله! ناهي پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو اهو شان آهي جو باقي سڀني کي جيڪا رسالت ملي اها پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ ملي پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي