Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

الموت تشريف کڻي آيا، ۽ ان جو روح قبض ڪري ورتو ۽ هي گنهگار انسان انتقال ڪري ويو. مرڻ کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ چڱي حالت ۾ ڏٺو، حيران ٿي پڇا ڪئي: هي حُسن و جمال، هي زيب و زينت، هي بُلند مقام توکي ڪيئن مليو؟ تون ته وڏو گنهگار انسان هئين؟ ان چيو: (هائو! مان وڏو گنهگار هيس پر) هڪ ڏينهن مون تورات شريف کولي ته ان ۾ الله پاڪ جي محبوب نبي، محمد بن عبدالله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو نالو مبارڪ، ۽ سندن صفتون ڏٺيون ته مون محبت سبب سندن نالو مبارڪ چمي ورتو ۽ مٿي تي رکي ورتو، سو اسمِ مصطفيٰ جي انهيءَ ادب جي برڪت سان الله پاڪ مون تي فضل و احسان فرمايو ۽ منهنجا سڀئي گناھ بخشي ڇڏيا.!

(تذکرۃ المحبین، ص:۵۲)

اعمال نہ دیکھے یہ دیکھا، محبوب کے کوُچے کا ہے گدا

خالِق نے مجھے یوں بخش دیا، سُبحٰنَ اللہ! سُبحٰنَ اللہ!

         سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا شان آهي منهنجي محبوب نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو..!! اَلحَمۡدُلله! اسان جا نبي، پيارا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مشڪل ڪشاء به آهن. حاجت روا (حاجتون پوريون ڪرڻ وارا) به آهن. دافع البلاء(مصيبت دور ڪرڻ وارا) به آهن، هي ته سندن شان آهي، اَلحَمۡدُلله! منهنجي ربّ ڪريم پنهنجي محبوب عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي مبارڪ کي به اها عظمت بخشي آهي جو سندن پيارو نالو مبارڪ حاجت روا به آهي. مشڪل ڪشاء به آهي. دنيا ته دنيا رهي، هتي جي مشڪلاتن جي ڪهڙي اهميت آهي؟ اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا نالا ايترا ته عاليشان آهن جو انهن جي برڪت سان دنيا ئي نه. قبر جون مشڪلاتون به ٽرنديون آهن، حشر جون مشڪلاتون به دور ٿينديون آهن. قيامت جي هولناڪين کان به نجات