Book Name:Pyaray Aaqa Ka Pyara Naam

جي ڪيتري تعداد آهي؟ سو وقت جي وڏن وڏن عالمن سڳورن هن حوالي سان محنت ڪئي، اسماءِ مصطفيٰ جي تعداد ڄاڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ته 800 نالا مليا..!! پر قربان وڃو! هي تحقيق جي انتها نه هئي، ان کان بعد به وڌيڪ تحقيق جي گنجائش موجود هئي، آخر ۾ سيدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان تي تحقيق فرمائي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: مون کي مختلف ڪتابن ۽ روايتن جي روشني ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 1400 نالا مليا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ نالن کي شمار ڪرڻ ناممڪن آهي.

(فتاویٰ رضویہ، ج:۲۸، ص:۶۵، لائبریری)

سُبْحٰنَ اللہ! هي ته صرف نالا ڳڻڻ جي ڳالھ آهي! الله ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيترا نالا عطا فرمايا آهن؟ اسان جهڙا عام انسان ته ڳڻي به نٿا سگهن. پوءِ انهن نالن جون ڪهڙيون معنائون آهن؟ انهن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪهڙن ڪهڙن شانن جو بيان آهي؟ وري ان کان علاوه پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون صفتون ۽ ڪمال ڪهڙا آهن؟ انهن کي ڪير شمار ڪري سگهي ٿو..؟ آخر عشق ۽ عقل اهو ئي فيصلو ڪري ٿو:

تیرے تووَصْف عیب تناہی سے ہیں بری

حیراں ہوں میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے

 حدائقِ بخشش، صفحہ:175۔

وضاحت: ڪنهن شيءِ جو ختم ٿي وڃڻ به هڪ طرح عيب هوندو آهي. الله پاڪ پنهنجي محبوب کي هر عيب کان پاڪ رکيو آهي جو اعليٰ حضرت عرض رهيا آهن: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جا وصف، اوهان جون خوبيون ختم ٿيڻ جي عيب کان به پاڪ آهن، مان حيران آهيان ته اوهان جون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون بيان ڪيان.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد